عقيدت جا ڳوڙها (ڪتاب

عقيدت جا ڳوڙها (ڪتاب

عقيدت جا ڳوڙها ڪتاب

عقيدت جا ڳوڙها (ڪتاب): هي رتيديري جي مختلف شاعرن جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي، جيڪو ملهار سنڌيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا مختلف شاعرن، اديبن ۽ صحافين کي ڪيل آهي. ‘پنهنجي پاران’ مرتب جو لکيل آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت اياز ساريي ۽ ايم. بي ابڙي جا تاثر پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سيد وريل شاهه، امبرت راءِ ‘شام’ جئسنگهاڻي، غمدل فقير، قاضي عبدالحئي قائل، مرتضيٰ اعظم عباسي، فقير غلام صديق ابڙي، سيد غضنفر علي راجا، مقصود گل، قاضي منظر حيات، صوفي غلام مصطفيٰ جويي، عبدالڪريم سائل، علي احمد اداس، سميع ساجد جوڻيجي، ملهار سنڌي، روشن گهانگهري، ساقي ابڙي، مرتضيٰ مير جوڻيجي، سيف ابڙي، محمد جواڻ ‘جانب’ ابڙي، عبدالڪريم عبد، حضور شاهه ‘نعيم’ بخاري، مير حسن مهيسر، محبوب ‘مصور’ سومري، مجاهد چوهاڻ ۽ باغي بلوچ جي شاعري سوانحي خاڪن سان گڏ شامل آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل يوسف سنڌيءَ جو لکيل آهي.
ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد مان مئي 2009ع ۾ ڇپيو. 110 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو